اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پا??ستان جي سالميت ۽ خودمختياري کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ تذوير??تي صلاحيتن کي وڌيڪ ??ضبوط بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسلا ڪتب آندا ويندا، پا??ستان جي جوهري ۽ تذوير??تي صلاحيت هڪ مضبوط ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم جي تحت مڪمل طور تي محفوظ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپارڪو جي سيٽلائيٽ گرائونڊ اسٽيشن جي دوري جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم کي اسپيس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ مقامي صلاحيت جي ترقي ۾ اسپارڪو جي ڪاميابين سان گڏوگڏ قومي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ اسپارڪو جي خدمتن جي باري ۾ به ??ريفنگ ڏني وئي.