اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، شاهه محمود قريشي، اسد عمر، چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخاف ڌر اي پي سي ۾ فوج، عدليه، اليڪشن ڪميشن، نيب سميت سمورن رياستي ادارن کي نشانو بڻايو، ڇا رياستي ادارن ۽ ??ون?? عمل کي تڪراري بڻائي ملڪ ۽ جمهوريت جي ڪهڙي خدمت ڪئي پئي وڃي، هڪ جمهوري حڪومت جي ??لاف سمورا مفاد پرست گڏ ٿي ويا آهن، نواز شريف جي ??قرير تي ڀارتي ميڊيا تمام گهڻي خوشي ملهائي، ڀارت جي ??مورين وڏين اخبارن ۾ نواز شريف جي هيڊ لائين آهي ته ”نواز شريف فوج تي حملو ڪري ڇڏيو“، وزيراعظم عمران خان پنهنجي واضح موقف تي قائم آ??ي ته ڪنهن کي اين آر او ناهي ڏيڻو. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.