اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڀارت فوجي گهيراءُ ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ ۽ غيرقانوني قدم سان ڀارت جي حڪومت خاص طور تي مودي سرڪار جي استحصالي ۽ توسيع پسنداڻا ارادا دنيا ۾ بي نقاب ٿي ويا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير استحصال ج?? ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ٿيندڙ پنهن??ي پيغام ۾ ڪيو جيڪو 5 آگسٽ تي سڄي ??لڪ ۾ ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪ جون سموريون سياسي پار??يو?? ڪشمير جي مسئلي تي متفق آهن ۽ سڀني ڀارت جي 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته ڀارتي حڪومت پاران ڀارتي آئين مان آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 جي خاتمي جي غيرقانوني قدم جي باوجود ڀارت ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام تي ڪيل ظلم ڀارت جي انتهاپسند حڪومت جي اصل ايجنڊا کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مودي سرڪار جي توسيع پسنداڻي ۽ نفرت تي ٻڌل قدمن پوري خطي جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.