اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪرغزستان کان پاڪست??ني شاگردن ۽ ٻين شهرين جي واپسي لاءِ سفري انتظام ڪيا پيا وڃن، ٻاهرين ملڪ ڦاٿل سمورن پاڪستانين جا مسئلا حل ڪيا ويندا، پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ صدر چيو ته تقريبن 9 هزار شاگرد ڪرغزستان ۾ موجود آهن، اتي رات کان صبح تائين ڪرفيو لاڳو هوندو آهي جنهن تي سختي سان عملدرآمد ٿي رهيو آه??، ماسڪ کانسواءِ يا غير ضروري طور تي ٻاهر نڪرڻ تي ماڻهو گرفتار ڪيا ويندا آهن، انهن حالتن ۾ پاڪستان کي پنهنجي شهرين جو خيال آهي ۽ انهن جي سهولت لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.