اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??ڄ جو ڏينهن ??شم??ر سان يڪجهتي جي ڏهاڙي طور ملهائڻ اسان پاران پنهنجي انهن ??شم??ري ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل حمايت جو ورجاءُ آهي جن کي 6 مه??نن کان غيرانساني حراست ۽ مواصلاتي ناڪابندي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اهڙيون ڊگهيون پابنديون جن جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، انهن نام نهاد ڀارتي جمهوريت جي فساني ۽ ان پاران بنيادي انساني قدرن جي بي لحاظي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت والاريل ??شم??ر ۾ 9 لک کان و??يڪ قابض فوج هٿان 80 لک ??شم??رين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي قيد ڪري رکيو آهي، اهڙي بنيادي حقن جي پائمالي جا تاريخ ۾ گهٽ ئي مثال ملن ٿا، عالمي برادري ??شم??رين جي بنيادي انساني حقن ۽ انهن جي آزادي جو تحفظ يقيني بڻائي ۽ ڀارت جي جارحاڻي ۽ جنجگو قدمن سان امن کي لاحق خطرن جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??شم??ر سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.