اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انصاف، پارليامينٽ ۽ ايگزيڪيٽ?? کانپوءِ احتساب رياست جو اهم مقصد بڻجي چڪو آهي، احتساب طا??تور ۽ وڏي ماڻه?? کان شروع ٿيڻ گهرجي، نئين تاريخ بڻجي چڪي آهي ته پاڪستان ۾ احتساب غير سياسي بنيادن تي اڳتي وڌي رهيو آهي، نيب قانون موجب جنهن تي الزام لڳندو آهي اهو ثابت ڪندو آهي ته منهنجي دولت جائز آهي يا نيب جو الزام درست آهي، قومي احتساب بيورو اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ خبرن تي رد عمل ڏيڻ ڇڏي ڏي، هر شيءَ کي خبر بڻائڻ اخبار جو ڪلچر بڻجي چڪو آهي، دنيا ۾ احتساب جمهوري ??ڪو??تن جي قيام کانپوءِ آيو پر سڀ کان پهرين مسلمانن لاءِ احتساب جو نظام حضور صه جي دور ۾ شروع ٿيو، مديني جي رياست هر مسلمان جو خو??ب آهي. هو بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.