اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل هدف حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان آ??ريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئ??، ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان ۾ مغوي مغربي شهرين جي آزادي هڪ مثبت اڳڀرائي آهي.