اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عمران خان کان چار جوابي سوال پڇندي چيو آهي ته ادارن تي ڪڌا حملا ۽ غلط بيانيون توهان جي سياست جو تعارف آهي، اقتدار کان محروم ٿيڻ کانپوءِ وزيرآباد حملي کان ا?? ئي فوج ۽ انٽيلي جن?? ادارن تي مسلسل گند اڇلائڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي، الزام هڻڻ کانسواءِ توهان ڪهڙو قانوني رستو اختيار ڪيو، هيليڪاپٽر حادثي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هٿياربند فوج جي خلاف غليظ مهم ڪنهن جي چوڻ تي هلائي، اهڙا ڪڌا هدف ۽ ارادا رکندڙن جي موجودگي ۾ ڇا اسان کي ڪنهن دشمن جي ضرورت آهي، سياسي مقصدن جي لاءِ مذهب جو استعمال ڪنهن ڪيو، عمران خان چاهي ٿو ته قانوني ۽ سياسي نظام کي درهم برهم ڪيو وڃي. پن??نج?? ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مون کي ڪو شڪ نه آهي ته ڪوڙ، غلط بيانيون، يوٽرنز ۽ ادارن تي ڪڌا حملا توهان جي سياست جو تعارف آهي، توهان جو رويو عدليه کي پن??نج?? خواهشن جي حق ۾ جُهڪائڻ ۽ قانون مون تي لاڳو نٿو ٿئي جهڙو آهي، گذريل ڪجهه سالن جي ٺوس حقيقتن سان جيڪو ڪجهه ثابت ٿيو آهي، انهي جي بنياد تي توهان بابت پن??نج?? ٽوئيٽ ۾، مون لکيو هو. هن چيو ته آئون توهان کان اهو جوابي سوال پڇان ٿو ته اقتدار کان محروم ٿيڻ کانپوءِ بار بار پاڪستان آرمي کي بطور اداري بدنام ڪرڻ توهان جي سياست جو طريقيڪار رهيو آهي، وزيرآباد واقعي کان به اڳ کان ڇا توهان آرمي، انٽيلي جن?? ادارن ۽ انهن جي قيادت تي مسلسل گند اڇلائڻ جو سلسلو جاري نه رکيو؟ ٻيو سوال اهو آهي ته روزانو ڌمڪائڻ، بي بنياد الزام هڻڻ کانسواءِ توهان ڪهڙو قانوني طريقو اختيار ڪيو؟ توهان وفاقي حڪومت پاران ڪيل تعاون جي آڇ ٺڪرائي ڇڏي ۽ قانوني ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، توهان کي ڪڏهن به سچائي ڄاڻڻ ۾ ڪا دلچسپي ئي نه هئي پر مذمت جوڳي واقعي کي توهان پن??نج?? گندي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو. شهباز شريف ٽيون سوال اٿاريندي پڇيو ته هيليڪاپٽر حادثي کانپوءِ شهيدن ۽ هٿياربند فوج جي خلاف سوشل ميڊيا تي غليظ مهم ڪنهن جي چوڻ تي هلائي؟ ڪهڙي پارٽي جي ٽرول برگيڊ شهيدن جو مذاق اڏايو جيڪو اسان جي سياست ۾ ناقابل تصور ۽ ڪلچر ۾ هڪ نئين گهٽ ظرفي جو مظهر هو، ڇا توهان جهڙن اهڙا ڪڌا هدف ۽ ارادا رکندڙن جي موجودگي ۾ اسان کي ڪنهن دشمن جي ضرورت آهي؟ وزيراعظم چوٿون سوال ڪيو ته سياسي مقصدن جي لاءِ مذهب کي ڪنهن استعمال ڪيو؟ پن??نج?? سياسي سرگرمين ۾ مذهبي سڌارن کي ڪنهن متعارف ڪرايو؟ اهڙي طرح توهان انتهائي چالاڪي ۽ ذاتي سياسي مقصدن جي خاطر پن??نج?? حامين جي ذريعي سياسي مخالفن کي تشدد جي خطرن ۾ وڌو؟ ڇا توهان جي پارٽي اڳواڻن مسجد نبوي ﷺ جي تقدس ۽ احترام کي پٺتي وجهندي عورت وزير سميت سرڪاري وفد جي ماڻهن کي هراسان ڪرڻ ۽ بدسلوڪي جو نشانو بڻائڻ جي افسوسناڪ حرڪت جا دليل ۽ جواز نه ٺاهيا هئا؟ وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه پڌري پٽ رهڻ گهرجي ته اڳوڻي وزيراعظم طور ڪرپشن تي جاري ٽرائل کي منهن ڏيندي توهان چاهيو ٿا ته قانوني ۽ سياسي نظام کي درهم برهم ڪيو وڃي، توهان جي نظر ۾ پاڪستان جهنگ بڻجي چڪو آهي ته من??نج?? توهان کي مشورو هوندو ته اتي نه وڃو ڇو ته حقيقتون ا??ثر تلخ ۽ تباهي آڻيندڙ هونديون آهن، انهن کي ڪنهن ٻئي ڏينهن جي لاءِ رکي ٿا ڇڏيون.