اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان جي گورنر عبدالولي ڪاڪڙ گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ملا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملا??ات ۾ بلوچستان جي گورنر وزيراعظم جي بلوچستان جي ترقي ۾ خصوصي دلچسپي تي خراج تحسين پيش ڪيو. بلوچستان جي گورنر وزيراعظم ک?? صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو.