اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ رٿيل ٻن ڏينهن واري عالمي ڪنوينشن پڄاڻي تي پهتي، ڪنوينشن ۾ 17 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان ۾ بيلجيئم، ايران، ڪينيا، شام، جمهوريه ڪرغزستان، برطانيه، آمريڪا، اسڪاٽ لينڊ سميت ٻين ملڪن جا وف?? شامل هئا. ڪنوينشن ۾ اندروني ملڪن ما?? پارليامين?? جي ميمبرن، سيا??ي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي ميمبرن، عورتن، اڪيڊميا، غير مسلم اڳواڻن شرڪت ڪئي، سعودي عرب جي مجلس شوريٰ جو چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ا??راهيم الشيخ پڻ شريڪ ٿيو. ڪنوينشن جي پهرين ڏينهن پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، وف??قي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وف??قي وزير سينيٽر شيري رحمان، سيني?? جي اڳوڻي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ ۽ قمر زمان ڪائره خطاب ڪيو، ڪنوينشن جي ٻي ڏينهن واري پڄاڻي جي تقريب کي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪيو. ان موقعي تي پڌرائي پڻ جاري ڪئي وئي. ڪنوينشن جي پڄاڻي واري سيشن ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاه پڌرائي پيش ڪئي.