اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نظريه پاڪستان عمران نيازي جي ناپاڪ ۽ خ??دغرضي تي ٻڌل ارادن کان ڪيترئي ڀيرا معتبر ۽ سگهارو آهي، ??نش??ءَ الله عمران نيازي کي ضرور ناڪامي جو منهن ڌسڻو پوندو. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چي?? ته 9 مئي جي شرمناڪ، المناڪ ۽ افسوسناڪ واقعن کانپوءِ آئون انهن ??ي منفي اثرن ۽ نتيجن بابت سوچي رهيو آهيان. جيترو آئون ان ڪاري ڏينهن ??ابت سوچيان ٿو ايترو ئي منهنجي ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي ته اسان پاڪستان جي نظريي جا پاڻ ئي دشمن بڻج?? ويا آهيون. وزيراعظم چي?? ته عوام کي ورهائڻ کانپوءِ عمران نيازي رياستي ادارن جي توهين جي ڪوشش ۾ لڳ?? ويو جڏهن ??ن جي حڪومت حاصل ڪرڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿ?? ويون ته هو پنهنجي نفرت انگيز بيانيي ۽ شرپسندن جي جٿن سان پاڪستان جي رياست تي حملي آور ٿ?? ويو. ان کي شايد ان ڳالهه جو اندازو نه ه?? ته نظريه پاڪستان ان جي ناپاڪ ۽ خ??دغرضي سان ڀرپور ارادن کان ڪيترائي ڀيرا متعبر ۽ سگهارو آهي. ??نش??ءَ الله عمران نيازي کي ضرور ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو.