اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انساني سر??ائي ۾ ناڪافي سيڙپڪاري هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي ادارجاتي سطح تي ۽ سياسي قيادت پارا?? ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ادارن ۽ سياسي قيادت تي قومي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي سجيدگي جو مظاهرو ڪن، متحد ٿين ۽ ڊيليور ڪن. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته حقيقت ۾ اهي ملڪ جا اصل مسئلا آهن پر درپيش حالتن ۾ اهي مسئلا پس منظر ۾ هليا ويا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عالمي بئنڪ ۽ پاڪستان هيومن ڪيپيٽل ريويو جي ڊيٽا تي ٻڌل هڪ قومي روزنامي ۾ شايع ٿيندڙ مضمون پڻ شيئر ڪيو. عالمي بئنڪ جي هڪ نئين رپورٽ ۾ چيو ??يو آهي ته گهٽ انساني سر??ائي جي سيڙپڪاري پاڪستان جي 2047ع تائين هڪ اعليٰ وچولي آمدني ??ارو ملڪ بڻجڻ جي ڪوششن کي محدود ڪندو. پاڪستان هيومن ڪيپيٽل ريويو ??وجب جيڪڏهن پاڪستان انساني سر??ائي جي ترقي ۾ پنهنجي موجوده رستي تي گامزن رهي ٿو ته 2047ع تائين ان جي في ڪس جي ڊي پي مجموعي طور تي رڳو 18 سيڪڙو تائين وڌندي.