اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??اڪ??تان ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 1940ع ۾ اڄ جي ڏينهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن قرارداد ??اڪ??تان منظور ڪئي ۽ هڪ جدا وطن جو مطالبو ڪيو، جتي اهي اسلامي نظرين موجب آزادي سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??اڪ??تان ڏهاڙي 23 مارچ 2023ع جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اس??ن باني ??اڪ??تان جن جي جدوجهد ۽ قرباني جي ڪر?? ??اڪ??تان وجود ۾ آيو، کي خراج عقيدت پيش ڪر??ون ٿا. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ، هندوتوا واري وڌندڙ لهر ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد، انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ غيرقانوني طور تي ڀارت جي ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران جاري ظلم ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ان وقت جي مسلمان قيادت هڪ دانشمنداڻو فيصلو ڪيو هو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هي ڏينهن هڪ قوم جي حيثيت سان اس??ن کي پنهنجي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺڻ جي به ياد ڏياري ٿو. آزادي جي وقت اس??ن مهاجرن جي آبادڪاري ۽ بحالي، نئين وجود ۾ رياست جي آئيني ۽ انتظامي مسئلن، سلامتي جي خطرن، نئين رياست کي مضبوط سماجي، اقتصادي ۽ صنعتي بنيادن تي ق??ئم ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جهڙا ڪيترائي چئلينجز درپيش هئا، انهن چئلينجز جي باوجود اس??ن پنهنجي مسلسل محنت ۽ قابليت سان هر شعبي ۾ شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته اس??ن رياستي ادارا قائم ڪيا، پنهنجي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو، ائٽمي صلاحيت حاصل ڪئي، دهشتگردي ۽ ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آندو ۽ قدرتي آفتن دوران قرباني ۽ تعاون جي جذبي جو مظاهرو ڪيو. صدر چيو ته اس??ن کي ق??نون جي حڪمراني يقيني بڻائڻ، جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ، پنهنجي معاشري ۾ اڻبرابري کي گهٽ ڪرڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، خصوصي ماڻهن جي حقن جي فراهمي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي، پنهنجي شهرين جي انساني حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي اس??حڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ به اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ اس??ن جي ڪاميابين کي نظر ۾ رکندي منهنجو پڪو يقين آهي ته اس??ن ??اڪ??تان کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي مڪمل صلاحيت رکون ٿا. صدر چيو ته جيڪڏهن اس??ن اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط سان ڪم ڪندا رهنداسين ته اس??ن ??اڪ??تان کي هڪ مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائي سگهون ٿا. الله تعاليٰ اس??ن سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي.