اسلام آباد ??? 17 – مارچ (ا?? پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان بيجنگ ۾ چين جي پرڏيهي وزير ڪ?? گينگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آ??يس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ چين ڀائر ملڪ، قابل اعتماد دوست ۽ امن ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار حصيدار آهن. پرڏيهي سيڪريٽري سان ڳالهائيندي ڪن گينگ چين پاڪستان اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي لاءِ چين جي پڪي عزم کي ورجايو ۽ پاڪستان کي هر قسم جي تعاون جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. چين جي پرڏيهي وزير ڪ?? گينگ ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد خان اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي حالتن ۾ چين پاڪستان اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي اهميت کي ورجايو ۽ گڏيل لاڳاپن ۾ مستحڪم رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪ??و. هن نومبر 2022ع ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيجنگ جي دوري دوران طئي ٿيندڙ اتفاق راءِ کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (س?? پيڪ)، واپار ۽ سيڙپڪاري، مالي تعاون، سماجي تعاون، اقتصادي ترقي، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن سميت متنوع ڊومينز کي وڌيڪ اڳتي وڌائي سگهجي.