اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 23 جنوري 2023ع تي بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون جي انڪوائري رپورٽ ڪ??بي??ا ۾ پيش ڪئي وئي، انڪوائري رپورٽ ۾ انساني غفلت ۽ بجلي جي پهچ جي نظام ۾ موجود خر??بي??ن بنيادي سبب قرار ڏنا ويا آهن جڏهن ته و??ير??عظم چيو آهي ته قوم منتظر آهي ته پاور بريڪ ڊائون جي ذميوارن کي انهن جي ان سنگين لاپرواهي تي قرار واقعي سزا ڏني وڃي، ڪي??ڪو جي پاور پرچيز معاهدي جي وقت سر تجديد ڇو نه ڪئي وئي، بجلي جي پيداوار ۽ پهچ جي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي وڃي. و??ير??عظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪ??بي??ا جو اجلاس و??ير??عظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي ڪ??بي??ا کي 23 جنوري 2023ع تي ملڪ گير پاور بريڪ ڊائون جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اها رپورٽ و??ير??عظم جي هدايت تي قائم ڪي?? چار رڪني انڪوائري ڪميٽي جوڙي جنهن جي سربراهي پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ ڪري رهيو هو. رپورٽ ۾ نه رڳو ان واقعي جا بنيادي سبب ٻڌايا ويا آهن پر ان حوالي سان ذميوارن جي نشاندهي ۽ اڳتي اهڙن واقعن کان بچڻ جي لاءِ تجويزون پڻ ڏنيون ويون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 23 جنوري 2023ع جي صبح ساڍي 7 وڳي کان بجلي جو بريڪ ڊائون پاور پلانٽس جي ٽرپ ٿيڻ سان رڳو چار منٽ ۾ پوري ملڪ ۾ پکڙجي ويو. ان جو بنيادي سبب انساني غفلت هئي جيڪو رات جو بند ڪي?? اي سي سرڪٽس کي صبح جي وقت سوئچ آن نه ڪرڻ هو. جيئن ئي ملڪ جي اتر ۾ بجلي جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏکڻ علائقي ۾ ونڊ انرجي سان پيدا ڪئي ويندڙ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي وئي ته اي سي لائين جي فريڪوئنسي غيرمعمولي طور تي وڌي وئي. ان فريڪوئنسي ۾ هڪدم اضافي سان مختلف پاور پلانٽس خودڪار سيڪيورٽي سسٽم تحت ٽرپ ڪري ويا. پاور پلانٽس کي بليڪ اسٽارٽ سسٽم ذريعي ري اسٽارٽ ٿيڻو هو پر ان نظام جي ناڪامي جي ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي بحالي ۾ تمام گهڻي دير ٿي. وڌيڪ اهو ته اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪوٽ ادو پاور ڪميٽي جنهن وٽ بليڪ اسٽارٽ جي سهولت موجود آهي پر ان پاور پلانٽ جي معاهدي جو مدو ختم ٿي چڪو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي و??ير??عظم چيو ته قوم منتظر آهي ته ان وڏي واقعي جي ذميوارن کي انهن جي ان سنگين لاپرواهي تي قرار واقعي سزا ڏني وڃي. ه?? هدايت ڪئي ته پاور ڊويزن ان ڏوهاري غفلت جي مرتڪب اهلڪارن جي خلاف فوري طور تي محڪماڻي ڪارروائي ڪري. و??ير??عظم پڇاڻو ڪي?? ته ڪي??ڪو جي پاور پرچيز جي معاهدي جو مدو جيڪڏهن ختم ٿي چڪو هو ته ان معاهدي جي تجديد جي لاءِ ضروري ڪارروائي ۾ دير ڇو ڪئي وئي. و??ير??عظم لاڳاپيل عملدارن کي اها به هدايت ئي ته بجلي جي نظام کي سپروائيزري ڪنٽرول اينڊ ڊيٽا ايڪوزيشن (ايس سي اي ڊي اي) سان ڳنڍڻ جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. ه?? هدايت ڪئي ته پاور ڊويزن ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا بجلي جي پيداوار ۽ پهچ جي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي ڪ??بي??ا جي منظوري لاءِ پيش ڪن. وفاقي ڪ??بي??ا کي بجلي چوري ۽ لائين لاسز جي حوالي سان پاور ڊويزن هڪ تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي پاور ڊويزن پاران تجويز ڏني وئي ته اهڙا علائقا جتي لائين لاسز 60 سيڪڙو ۽ ان کان وڌيڪ آهن اتي صورتحال کي ضابطي ۾ آڻڻ جي لاءِ هڪ خصوصي پوليس فورس جوڙي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ بجلي سان هلندڙ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جو منصوبو غور هيٺ آهي جنهن جي شروعات سڀ کان اڳ بلوچستان کان ڪئي ويندي. و??ير??عظم بجلي چوري، لائين لاسز کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ۽ بجلي سان هلندڙ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جي حوالي سان هڪ خصوصي ڪ??بي??ا ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي.