اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عالمي سطح تي پيادل سفر ڪندڙ پاڪستاني شهري کر?? زاده ڪس??ت راءِ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ٻين سماجي موضوعن خاص طور تي بريسٽ ڪينسر، پوليو ۽ خصوصي ماڻهن جي حوالي سان به پيادل سفر ڪري آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پيادل سفر ڪرڻ ذريعي پاڪستان جو مثبت تاثر اجاگر ڪرڻ تي کر?? زاده ڪس??ت راءِ کي ساراهيو. کر?? زاده ڪس??ت راءِ پيادل سفر ۾ سهولتن جي لاءِ حڪومتي تعاون جي درخ??اس?? ڪندي چيو ته 29 ملڪن جو دورو ڪري چڪو آهيان، پيادل سفر ڪري مختلف سماجي مسئلن تي آگاهي پيدا ڪندو آهيان. امن، انساني حقن ۽ بين المذاهب هم آهنگي جهڙن مضمونن تي پيادل سفر ڪيو. هن چيو ته سماجي مضمونن تي آگاهي لاءِ هيستائين 16 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ پيادل سفر ڪ??و آهي.