اسلام آباد – 29 ??? ن??مبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٽن ايڊيشنل ججن جي مستقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خ??ن، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس سمن رفعت امتياز جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج طور مستقلي جي منظوري ڏني. صدر مستقلي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي 13 جي تحت ڏني.