اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جلاءُ، گهيراءُ ۽ ٽوڙ ڦوڙ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته باهه لڳائيندڙ ملڪ جا محسن نه ٿا ٿي سگهن، سرڪاري ملڪيتن تي حملو ڪندڙ ملڪ جا دوست نه ٿا ٿي سگهن، فارن فنڊيڊ ف??ني جي ذهنيت ملڪ کي ورڇ ڪري ڇڏيو آهي، فارن فنڊيڊ ف??ني جي انتشار، شدت پسندي ۽ ورڇ تي ٻڌل سياست ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي ره?? آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن سو??ل ڪيو ته اڃا تائين پنجاب حڪومت لانگ مارچ واقعي جي ايف آءِ آر ڇو ناهي د??خل ڪئي؟ هن چيو ته فارن فنڊيڊ ف??نو سرڪاري اسپتال مان رپورٽ نه لکرائي رهيو آهي جيڪو قانون آهي. هو پنهنجي ميڊيڪو ليگل جي قانوني ضابطن کي پورو نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته فارن فنڊيڊ ف??نو چونڊون نه گهرو ويڙهه چاهي ٿو جنهن جو مظاهرو هر ڏينهن چاهي ٿو. هن چيو ته فارن فنڊيڊ ف??نو پاڪستان جو نالو فيٽف مان نڪرڻ جي خلاف جنگ ڪري رهيو آهي، فارن فنڊيڊ ف??ني جي جنگ پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي خلاف آهي. هن چيو ته الحمدالله ملڪ ۾ امن امان آهي، عوام انتشار ۽ فساد جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.