نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار پرامن طور حل ڪيو وڃي، ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??ار??ي جي امداد کي ساراهيون ٿا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي ??ار??يجن هم منصب اينيڪن هيوئٽ فيلڊ سان ملاقات دوران هن پاڪستان ۽ يورپين فري ٽريڊ ايسوسيئيشن (اي ايف ٽي اي) جي وچ ۾ آزاداڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، ترقي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ جامع بڻائڻ جي لاءِ ??ڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان ۾ ??ار??ي جي ناليواري ڪمپنين جي موجودگي جو ذڪر ڪندي پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت جي پرڪشش سيڙپڪاري پاليسي مان وڌيڪ ڪمپنيون فائدو کڻنديون. پرڏيهي وزير پاڪستانين جي لاءِ قانوني اچ وڃ جا موقعا وڌائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ??ار??ي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت تعاون کي ساراهيو. افغانستان بابت بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت کي ورجايو ۽ افغان عوام کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ افغان عبوري عملدارن سان عالمي برادري جي مسلسل شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو. ??ار??ي افغانستان مان نڪرڻ واري عمل ۾ پاڪستان پاران سهولت فراهم ڪرڻ کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ار??ي جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿين??ڙ تباهي کان آگاهه ڪيو ۽ ??ار??ي پاران ڏني ويندڙ امداد کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ گهڻ رخي جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجهو رابطو رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.