لنڊن – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف عالمي اڳواڻن ۽ شاهي خاندانن جي ميمبرن سان ويسٽ منسٽر ايبي ۾ آنجهاني ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. وزي??اع??م خصوصي طور تي ڪوئين ايلزبيٿ جي آخري رسمن ۾ شرڪت جي لاءِ لنڊن پهتو هو جيڪا 8 سيپٽمبر تي 96 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي. سڄي دنيا مان 500 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا ملڪه جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيا جن ۾ آمريڪا جي صدر جو بائيڊن، چين جي نائب صدر وانگ ڪشان، جاپان جي شهنشاهه ??اروهيٽو، اردن جي شاهه عبدالله، بيلجيم جي ڪنڪ فلپ ۽ ڪوئين ميٿلڊي سان گڏوگڏ شاهي خاندان جي 2 هزار کان وڌيڪ ميمبرن شرڪت ڪئي. ڪوئين ايلزبيٿ کي سرڪاري اعزاز سان ونڊسر ڪيسل ڪنگ جارج ڇهه ??يموريل چيپل ۾ پنهنجي مرحوم مڙس سان شاهي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويندو. وزي??اع??م چيو ته آنجهاني ملڪه دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي شهرين جي نسلن لاءِ طاقت جو ذريعو هئي، پاڪستان جي عوام ملڪه ايلزبيٿ جي پاڪستان جي 2 دورن کي ياد رکندي، پاڪستاني عوام ۽ ب??طا??وي شاهي خاندان جي وچ ۾ لاڳاپا وقت سان گڏ مضبوط ٿيا آهن.