اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هٿياربند فوج لاتعداد قربانيون ڏئي ملڪ کي ٻاهرئين ?? اندروني خطرن کان ڪاميابي سان محفوظ ڪيو آهي ۽ هر قسم جي آفتن ۾ سول انتظاميا جي مدد ڪئي آهي، جوانن کان وٺي جنرل تائين ڪنهن جي حب الوطني تي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، پاڪستان ۾ مقرر ٿيندڙ سمورا آرمي چيف محب وط?? آهن. صدر پاڪستاني عوام، ادارن ۽ ميڊيا تي زور ڏنو ته اهي ان معاملي تي شڪ شبها ۽ تڪرار پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته بطور صدر مون کي موجوده حڪومت سميت رياست جا سمورا ادارا عزيز آهن ڇو ته سمورن ادارن جي اونرشپ صدر جي ذميواري ??هي. پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي روشني وجهندي صدر ٻوڏ واري پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ جاني، معاشي ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ نقصان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ وڏا ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ذخيرو ٿيل پاڻي کي شهري مرڪزن کي سپلائي سان گڏوگڏ زراعت جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. صدر چيو ته اتر ۾ دريائن جي ڪنارن تي قبضن ۽ غيرقانوني اڏاوتن جي ڪري ??ريائي رستو رڪجي وڃڻ جانين ?? ملڪيتن جي نقصان جو هڪ وڏو سبب آهي. هن حڪومت تي زور ڏنو ته اها ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته مستقبل ۾ ٻوڏ جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پ?? درياءَ جي رستي تي ڪي قبضا نه ڪيا وڃن. هن چيو ته حڪومت بلوچستان ۾ اٽڪل 800 پاڻي ذخيرا ۽ ڊيلي ايڪشن ڊيم ٺاهڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ته جيئن برساتن ۽ ٻوڏ واري پاڻي کي محفوظ ڪري ??گهجي، مستقبل ۾ ٻوڏ کي ڪنٽرول ڪري ??گهجي ۽ گڏ ئي زمين هيٺ پاڻي جي ذخيرن کي ڀري ??گهجي. صدر چيو ته پاڪستان کي برساتن ۽ گليشيئرز جي پگهڙڻ سان ساليانو 150 ايم اي ايف پاڻي ملي ٿو، جنهن جو وڌيڪ موثر طريقي سان انتظام، ورڇ ۽ ذخيرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ پاڻي بابت مسئنل کي حل ڪرڻ جي لاءِ دريائن ۽ پاڻي وسيلن بابت موجوده ادارن کي مضبوط ۽ موثر بڻائڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته مصنوعي ذهانت، ٽيلي ميٽري ??سٽم ۽ سيٽلائيٽ انهن موثر اوزارن ۾ شامل آهن جيڪي پاڻي جي ورڇ جي نظام ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ ۾ مدد ڪري ??گهن ٿا. صدر چيو ته گليشيئرز خطرناڪ رفتار سان پگهڙي رهيا آهن جنهن سان شديد نقصان ٿيو آهي. ٻوڏ جي امداد جي ورڇ ۾ بدعنواني جي امڪانن بابت سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته ڪرپشن جي الزامن ۽ واقعن کان بچڻ جي لاءِ ٻوڏ جي فنڊز جي استعمال ۽ منصوبن تي عملدرآمد ۾ شفافيت ۽ منصفاڻي عمل جي ضرورت آهي. هڪ ٻئي سوال تي صدر چيو ته خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي اسيمبلين ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جي خلاف قرادادون پاس ڪيو?? آهن، ڪالاباغ ڊيم جي تعمير تي لاڳاپيل ادارا ڌرين سان گڏجي نئين سر غور ڪري ??گهن ٿا ته جيئن انهن جي موقف کي سمجهي سگهجي ۽ شڪ ۽ شبهن کي ختم ڪري ??گهجي ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪري ??گهجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته سياسي طور تي پولرائيزڊ ۽ چارج ماحول جي وچ ۾ هو ڪنهن اداري يا شخصيت بابت ڪو تڪرار پيدا نه ٿو ڪرڻ چاهي ۽ ڪنهن به قسم جي تبصري يا بيانن کي حوالي ۽ حقيقت کان هٽي ڪري نشر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته پردي پويان هو سياسي پولرائيزيشن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ??هيو آهي. هن چيو ته سندس ڪوشش جو واحد مقصد ڌرين جي وچ ۾ موجود بدگمنانين ?? غلط فهمين کي سمجهڻ ۽ ختم ڪرڻ آهي ته جيئن انهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي سگهجي ۽ عظيم تر قومي مفاد ۾ اهم معاملن تي وچولو رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ??گهجي.