اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جو ريسڪيو اينڊ رليف آپريشن جاري، متاثر علائقن مان 50 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر مطابق ڪي پي ڪي لاءِ ??رم?? فلڊ ڪنٽرول هيلپ لائن 1125 ۽ ٻين علائقن لاءِ 1135 هيلپ لائن فعا?? آهي، شهري ڪنهن به مدد لاءِ ايمرجنسي نمبرن تي رابطو ڪري سگهن ٿا. پاڪ فوج جي 157 هيليڪاپٽرز 1087 ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو. ??رم?? ايوي ايشن ذريعي 72 ٽن امدادي سامان پهچايو ويو، جڏهن ته متاثر علائقن مان 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. مختلف ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 51 هزار کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو ۽ـ مفت دوائون فراهم ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ امدادي سامان جمع ڪرڻ لاءِ 221 رليف پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن. انهن پوائنٽس تي 1231 ٽن امدادي شيون جنهن ۾ غذائي شيون ۽ دوائون شام?? آهن جيڪي متاثر علائقن کي پهچايون پيون وڃن. ايف ڊبليو او نيشنل هاءِ وي اٿارٽيز سان ملي ڪري قراقرم هاءِ وي ۽ جگلوٽ اسڪردو روڊ کي وقت سر بحال ڪيو. سنڌ ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن کي وڌا??ڻ لاءِ اضافي انجنيئر ۽ طبي عملو ڪراچي منتقل ٿي ويو آهي.