اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ ايراني خابرو اداري اسلامڪ ريپبلڪ نيوز ايجنسي (ارنا) ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جي ??رو?? بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ڇڏيون. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائ??يڪ??ر اختر منير ۽ پاڪستان ۾ ايران جي سفير محمد علي حسيني منعقد تقريب ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪن جي قومي خابرو ادارن پاران مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. واپار وارو ??فاقي وزير سيد نويد قمر ۽ دوري ??ي موجود ايران جي رستن ۽ شهري ترقي وارو ??زير رسم قاسمي پڻ ان موقعي ??ي موجود هئا. مفاهمت جي ياداشت تحت ٻئي خابرو ادارا خبرن، وڊيوز ۽ تصويرن جي مٽاسٽا کانسواءِ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ اسٽاف جي گڏيل پيشيواراڻي تربيت جو اهتمام پڻ ڪندا.