ڪراچي -14 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ ??ي بلديات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي، ته تقرير جو هڪ هڪ لفظ ڏيکارڻ باوجود عمران خان هر تقرير ۾ چينلن کي ويڪائو چوندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صوبائي وزير چيو آهي، ته مان حيران آهيان ته هر چ??نل فتني خان جي تقرير جو هڪ هڪ لفظ ڏيکاريندو آهي، ان باوجود هي شخص انهن چينلن خلاف هر تقرير ۾ ڳالهائيندو آهي ۽ کين ويڪائو چوندو آهي، لفافن وٺڻ وارو چوندو آهي، پر ڪو به چ??نل ان تي اعتراض ناهي ڪندو.