ڪوئيٽا – 04 – آگسٽ (اي ??ي پي) عورتن جي ترقي با??ت پارلياماني سيڪريٽري ماهه جبين شيران چيو آهي ته ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ ۽ جارحيت جي خلاف 5 آگسٽ تي بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو، 5 آگسٽ 2019ع تي هڪ صدارتي حڪمنامي تحت مودي حڪومت ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي شقن کي منسوخ ڪرڻ جو قدم کنيو، جنهن ڀارتي والاريل ??شمير کي هندستاني رياستن جي ٻين رهواسين جي مقابلي ۾ جدا جدا قانونن تحت شهريت، جائيداد جي ملڪيت ۽ بنيادي حقن تحت خصوصي حيثيت ڏني هئي، ڀارتي والاريل ??شمير جي خصوصي آئيني حيثيت منسوخ ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ??دا?? جي ٻن مرڪزي انتظام هيٺ علائقن ۾ ورڇ ڪرڻ جو ڀارتي قدم تڪراري علائقن تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ج?? برابر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي ??ي پي سان ڳالهائيندي ڪيو. وومين ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ بلوچستان با??ت پارلياماني سيڪريٽري ماهه جبين ش3يران چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ??مون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تبديل ??يو ۽ ڪشميرين تي ظلم جو هڪ نئون دور شروع ڪيو، هندستان جي آئين ۾ ڪشمير تي ٻه بنيادي آرٽيڪل شامل هئا، آرٽيڪل 370 جيڪو والاريل رياست کي خصوصي حيثيت ڏيندو هو ۽ آرٽيڪل 35 اي تحت اهو واضح ڪيو ويو هو ته ڪير والاريل ??شمير جو مستقل شهري آهي ۽ ڪير زمين خريد ڪري سگهي ٿو، ان کي ختم ڪرڻ کانپوءِ کان هيستائين اتي بدترين ظلم شروع ٿي ويا، ڪشميري عوام ٻاهرئين دنيا سان ڪٽجي وئي ۽ واديءَ کي هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ??يو ويو، ڪشميرين تي ظلم گذريل هڪ صديءَ کان جاري آهي.