اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هز هائينس آغا خان کي اسماعيلي برادري جي امامت جا 65 سال مڪمل ٿيڻ تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پار??ن جا??ي بيان موجب صدر اسماعيلي برادري جي اڳواڻ آغا خ??ن جي نالي خط ۾ چيو آهي ته توه??ن جي دورانديش قيادت ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ پاڪست??ن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ عوامي خدمتن ۽ ڀل??ئي جي شعبي ۾ بي مثال خدمتون سرانجام ڏني??ن آهن. صدر چيو ته آئون ۽ پاڪستاني عوام ڪمزور طبقن جي ڀل??ئي لاءِ توهان پاران ڪيل ڪوششن تي ٿورا مڃون ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ توهان کي ماڻهن جي وڌيڪ خدمت ڪرڻ جو حوصلو ۽ توفيق ڏي.