اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي وزير جي حيثيت سان ايوان صدر ۾ حلف برداري کانپوءِ ملاقات ڪئي. ان کان اڳ ب??اول ڀٽو زرداري وفاقي ڪابينا ۾ توسيع جي ٽئين مرحلي ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کنيو، ??لف برداري جي تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، قومي ا??يم??لي جي اسپيڪر راجا ??رويز اشرف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني، گهرو وزير رانا ثناءُ الله، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ وفاقي ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي.