اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قبائلي ضلعن جي عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون ق??بانيون ڏنيون آهن، اسان انهن جا مقروض آهيون، انهن ق??بانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين، حڪومت مقامي آبادي کي سهولت پهچائڻ ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي لاءِ هر ممڪن ق??م کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اتر وزيرستان جي دوري دوران ق??ائلي اڳواڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قبائلي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان گڏ و??ت گذاريو. قبائلي اڳواڻن وزيراعظم جي آجيان ڪئي ۽ وزيراعظم جو علائقي جي پهرين دوري تي ٿورو مڃيو جنهن سان ق??ائلي ضلعن جي لاءِ وزيراعظم جو ڌيان ۽ فڪر جو اظهار ٿئي ٿو. وزيراعظم پ??امن ۽ مستحڪم پ??ڪستان جي لاءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هر ممڪن تعاون تي قبائلي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم قبائلي اڳواڻن کي يقين ڏياريو ته سندس حڪومت دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ نقصان جي ڪري مقامي آبادي کي سهولت پهچائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وزيراعظم چيو ته قبائلي ضلعن جي عوام وڏيون ق??بانيون ڏنيون آهن ۽ اسان انهن جا مقروض آهيون، اسان انهن جي قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين. اسان جي ترجيح پوري پاڪستان وانگر مقامي ڪميونٽي جي لاءِ شهري سهولتن کي يقيني بڻائڻ هوندي. قبائلي اڳواڻن وزيراعظم کي پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي ڀرپور جو يقين ڏياريو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو اڳ ۾ به اتر وزيرستان اچي چڪو آهي ۽ هتي هڪ ڀيرو ٻيهر اچي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته جڏهن دهشتگردي عروج تي هئي، جهڙي طريقي سان توهان پنهنجي ڪلهن تي پنهنجي پيارن، پنهنجي ٻارن، بزرگن، مائرن، ڀينرن، فرزندن جا لاش کنيا، اهي وڏيون ق??بانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته رڳو اهو ئي نه جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته ڪشمير ۾ به توهان جي ابن ڏاڏن، توهان جي بزرگن تمام وڏي ج??گ وڙهي. وزيراعظم چيو ته آئون اها ڳالهه دل جي گهراين سان ڪري رهيو آهيان، جيڪي بزرگ ۽ جوان منهنجي سامهون ويٺل آهن، انهن جون ق??بانيون هر حوالي سان تاريخ ۾ سدائين سنهري لفظن ۾ لکيون وينديون.