اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين قوت پاران مقامي سهولتڪارن جي ذريعي پاڪستان جي خودمختياري ۽ جمهوريت تي سڀ ??ان وڏو حملو ناڪام بڻائڻ لاءِ عوام کي ٻاهر نڪ??ڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هڪ ملڪ جي خودمختياري ۽ جمهوريت جي مضبوط ترين محافظ سدائين عوام هوندي آهي، وزيراعظم چيو ته اها عو??م ئي آهي جنهن کي ٻاهر نڪ??ڻ گهرجي ۽ هڪ ٻاهرين قوت پاران مقامي سهولتڪارن، اسان جي مير جعفر ۽ مير صادقن جي ذريعي پاڪستان جي خودمختياري ۽ جمهوريت تي ان تازي ترين ۽ سڀ ??ان وڏي حملي کي ناڪا۾ بڻائڻ گهرجي.