اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٻاهرئين قوتن جي منشا ت?? پاڪستان تي رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي، بي اعتمادي جي رٿ آئين جي آرٽيڪل 95 ت??ت پيش ڪئي وڃي ٿي، عمومي حالتن ۾ اهو جمهوري حق آهي ۽ ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي پر هي معاملو بي اعتمادي جو نه آهي، آرٽيڪل 5 اي جو آهي، آرٽيڪل فائيو اي تحت رياست سان وفاداري هر شهري جو فرض آهي، آرٽيڪل فائيو اي تي چيئر کان رولنگ اچڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ قانون واري وفاقي وزير چيو ته 7 مارچ تي اسان جو سفير هڪ آفيشل ميٽنگ ۾ شرڪت ڪر?? ٿو، ان ۾ ٻئئي ملڪ جا آفيشلز پڻ ويهن ٿا، اسان جي سفير کي ٻڌايو وڃ?? ٿو ته عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي پئي وڃي، 8 مارچ تي بي اعتمادي رٿ اچي ٿي، اسان کي ٻڌايو وڃ?? ٿو ته پاڪستان سان اسان جي لاڳاپن جو دارومدار بي اعتمادي رٿ جي ڪا??يا??ي تي آهي، جيڪڏهن اها بي اعتمادي رٿ ڪا??يا?? ٿئي ٿي ته توهان کي معاف ڪيو ويندو، جيڪڏهن اها ڪا??يا?? نه ٿي ٿئي ته توهان جو ايندڙ رستو تمام سخت هوندو. هن چيو ته بدقسمتي سان ٻاهرئين قوتن جي منشا ت?? رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان جي ڪجهه اتحادين ۽ پنهنجي 22 ماڻهن جو ضمير به جاڳي وڃ?? ٿو ۽ معاملا هيستائين پهچي وڃن ٿا. هي معاملو بي اعتمادي جو نه، آرٽيڪل 5 اي جو آهي، ڇا 22 ڪروڙ ماڻهن جي رياست ايتري ڪمزور آهي جو ٻاهريون طاقتون ويهي هتي حڪومتون بدلائي ڇڏين؟ ڇا ٻاهرئين ملڪ جي مدد سان پاڪستان ۾ رجيم تبديل ڪري سگهجي ٿي؟ ڇا اها آئين جي آرٽيڪل 5 جي خلاف ورزي آهي يا نه؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪٺ پتلي آهي؟ ڇا اسان پاڪستانين جي ڪا حيثيت نه آهي؟ ڇا اسان غلام آهيون؟ هن چيو ته ليڊر آف اپوزيشن جي بقول اسان ڀڪاري آهيون، جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي. چيئر پاران آرٽيڪل 5 اي تي رولنگ اچڻ گهرجي.