اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آسٽريليا جي اڳوڻي اسپنر شين و??رن جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پن??نجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ آنجهاني جينيئس ليگ اسپنر جنهن ليگ اسپننگ جي آرٽ کي نئين بلندين تائين پهچايو، جي کوٽ محسوس ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽر شين و??رن جي او??تو لاڏاڻي سان کيس صدمو پهتو آهي. شين و??رن هڪ جينيئس بائولر هو ۽ هن ليگ اسپننگ جي آرٽ کي نئين بلندين تائين پهچايو. ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ سندس کوٽ محسوس ٿيندي. 52 سالا شين و??رن هڪ ڏينهن اڳ ٿائيلينڊ جي علائقي ڪوهه سموئي ۾ جتي هو موڪلون ملهائي رهيو هو، دل ج?? دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. آنجهاني ون ڊي مئچن ۾ 293 ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 708 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون جيڪي ليگ اسپننگ جي موجوده فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. هن ٽيست ڪرڪيٽ جي شروعات 1992ع ۾ ڀارت جي خلا?? ڪئي هئي.