دبئي – 21 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فلاپ فلمون ??نڊن وڃي ويهي رهيون آهن، نواز شريف اينڊ ڪمپني جڏهن اقتدار ۾ هئي ته صرف انهن جون ??لمون ??لي رهيون ??يون، اصل فلم طرف ڪنهن ڌيان نه ڏنو، رانا شميم جي حلفي بيان جي باري ۾ چارلس گوٿري به تصديق ڪئي آهي ته حلفي بيان نواز شريف جي گهر تي ص??يح ٿيو، اها ڳالهه هن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته دبئي ۾ فلم فيسٽيول ۾ 11 پاڪستاني فلمون ڏيکاريون ??ينديون، يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني ان فيسٽيول ۾ پاڪستاني فلمون ڏسڻ اچن. هن چيو ته پاڪستان جي فلم انڊسٽري بحال ٿي رهي آهي، ان کان اڳ صرف سياستدانن جا ڊراما ڏٺا ويندا هئا، نواز شريف اينڊ ڪمپني جڏهن اقتدار ۾ هئي ته صرف انهن جون ??لمون ??لي رهيون ??يون، اصل فلم جي طرف ڌيان نه ڏنو. فلاپ فلمون ??نڊن ۾ وڃي ويهي رهيون آهن، هن چيو ته رانا شميم جي حلفي بيان جي باري ۾ چارلس گوٿري به تصديق ڪئي آهي ته اهو بيان حلفي نواز شريف جي گهر تي ص??يح ٿيو، اهو گ??ڻو اهم معاملو آهي، شريف فيملي کي ان تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چيو ته اوورسيز پاڪستانين اسان جا سر جا تاج آهن ۽ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني ان تاج جا هيرا آهن، وفاقي وزير چيو ته 15 لک پاڪستان يو اي اي ۾ رهن ٿا، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ انهن جو سڀني کان وڏو حصو آهي، هن چيو ته روشن ڊجيٽل پاڪستان اڪائونٽ ۾ به سڀني کان وڌيڪ تعداد يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين جو آهي. وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح عمران ??ان ۽ اوورسيز پاڪستانين سان گڏ بيٺو آهي، اهڙي طرح اوورسيز پاڪستاني به عمران ??ان جي پويان بيٺل آهن، هي اهو ئي اتحاد آهي جيڪو پاڪستان کي اڳيان وٺي هلندو.