اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خلائي تحقيق ۽ انفارميشن ٽي??نالاجي جي شعبي ?? ترقي جي رفتار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ ٽي??نالاجي تيزي سان ترقي ڪري ??هي آهي، ترقي جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ جلد فيصلا ڪرڻا پوندا، صدر انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽي??نالاجي ۾ ايرو اسپيس سائنس ۽ انجنيئرنگ جي باري ۾ ستين عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪري ??هيو هو. تقريب ۾ اسپارڪو چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر نديم، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽي??نالاجي جو وائيس چانسلر ميجر جنرل (ر) ريحان عبدالباقي، ڪانفرنس جو سيڪريٽري ڊاڪٽر نجم عباس نقوي، سائنسدانن سميت ملڪي ۽ غير ملڪي نمائندن به شرڪت ڪئي.
صدر چيو ته اسپارڪو جي تعاون سان خلا مان ڪيتري ??ي معلومات فراهم ٿيندي آهي، مواصلاتي سيارن جي ذريعي ا??سانن کي لاتعداد معلومات ۽ ڊيٽا ملي ويندي آهي، معلومات ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين 24 هزار کان وڌيڪ سيٽلائيٽ لانچ ڪيا ويا آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ننڍپڻ ۾ ڪهڪشائن کي ڏسندي لطف اندوز ٿيندا هئاسين، پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي ?? لکين ماڻهن جي ضرورت آهي، انفارميشن ٽي??نالاجي جي ماهرن جي اسان جي ا??رادي قوت جي طلب يورپ ۽ اولهه تائين ٿي سگهي ٿي، پر پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ?? ماهرن کي ملڪ جي ترقي لاءِ استعمال ڪندو، هن چيو ته دنيا ۾ جعلي خبرون وڏي پئماني تي هلي رهيون آهن، انفارميشن ٽي??نالاجي جي ذريعي شفافيت کي فروغ ۽ ڪوڙ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، صدر چيو ته نئين ٽي??نالاجي کي اختيار ڪرڻ ۾ انساني هٻڪ محسوس ڪندو آهي، جديد دور ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ليڊرشپ جي ضرورت پوندي آهي، هن چيو ته جديد دنيا ۾ ٽي??نالاجي کي جلد قبول ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت خلائي تحقيق ۽ آءِ ٽي جي شعبي ?? ترقي لاءِ پنهنجو هر مڪن ڪردار اد ڪندي، صدر چيو ته دنيا وٽ ايتري ڊيٽا موجود آهي ته ان جو تجزيه ڪرڻ به مشڪل آهي. هن چيو ته ٽي??نالاجي ۾ جدت اچي رهي آهي، ٽي??نالاجي جي ترقي لاءِ مستقبل جي ضروت کي به نظر ۾ رکڻو پوندو.
صدر چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي گريجوئيٽس جو تعداد وڌڻ گهرجي ۽ حڪومت ان عمل جي حوصلا افزائي ڪندي. هن چيو ته پاڪستان کي عالمي سطح تي سيٽلائيٽس جي توسيع جو حصو هجڻ گهرجي، ملڪ کي سائبر سيڪيورٽي ماهر به گهربل آهن، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽي??نالاجي جهڙن ادارن مان اميدون آهن. ان کان اڳ انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽي??نالاجي (آءِ ايس ٽي) جي وائيس چانسلر ميجر جنرل (ر) ريحان عبدالباقي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو. هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي اداري ??ي ارادن، مقصدن ۽ ڪاميابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن چيو ته اداره خلائي تحقيق جي پروگرام سميت سائنس ۽ ٽي??نالاجي جي شعبي جي فروغ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري ??هيو آهي. صدر ڪانفرنس جي موقعي تي ا??سٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽي??نالاجي جي ماهرن طرفان لڳايل اسٽالن جو به معائنو ڪيو.