اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان انڊ??ني??يا سان اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪست??ن جي دوري تي آيل انڊ??ني??يا جي پنهنجي هم منصب ريتنو مرسودي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ انڊ??ني??يا جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. پاڪستان انڊ??ني??يا سان اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير عورتن جي حقن جي لاءِ موثر آواز اٿارڻ تي انڊ??ني??يا جي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. پاڪستان ۽ انڊ??ني??يا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان انڊ??ني??يا سان واپار، سياحت ۽ سيڙڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۽ انڊ??ني??يا جي وچ ۾ سياحت ۽ واپار جي فروغ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ۾ سهولت جي فراهمي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي او آءِ سي جا ٿورائتا آهيون. انڊ??ني??يا جي پرڏيهي وزير محترمه ريتنو مرسودي شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.