اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان با??ا گرو نانڪ ديوجي جي 552 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي سڄي دنيا ج?? سک برادري کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته خوشي جي ان موقعي تي اسان پاڪستان ۾ پنهنجي مقدس مذهبي جاين جو دورو ڪندڙ هزارين سک ياترين جي آجيان ڪريون ٿا. هن سک برادري جي مذهبي رسمن جي ادائيگي جي سلسلي ۾ پنهنجي حڪومت پاران سهولتن جي مسلسل فراهمي جي عزم کي ورجايو.