اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارا ملڪ جي مستقبل جو معاملو آهي، اسان نيڪ نيتي سان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته انهن معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ٿئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي مخا??ف ڌر سان هڪ ڀيرو ٻيهر رابطو ڪرڻ جو چيو ويو آهي ته جيئن متفقه چونڊ سڌارن جو بل آڻي سگهجي. هن چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ??ي ان مقصد جي لا??ِ ملتوي ڪيو پيو وڃي، اسان ??ي اميد آهي مخا??ف ڌر انهن اهم سڌارن تي سنجيدگي سان غور ڪندي ۽ اسان پاڪستان جي مستقبل جي لا??ِ هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري وٺنداسين جهن ته ائي?? نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسان سڌارن تان پٺتي نه ٿا هٽي سگهون.