اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت عدالتي فيصلن جو احترام ڪري ٿي جڏه?? ته شهباز شريف جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت جي خلاف اپيل جو حق استعمال ڪنداسين، 20 سالن ۾ شريف فيملي ڦرلٽ ڪري اربين ڊالر جون ملڪيتون ٺاهيون، شريف فيملي ۾ ٻار بعد ۾ پيدا ٿئي ٿو پر اپارٽمينٽ ا?? ۾ ??ن جي نالي هوندو آهي، قانون نواز شريف فيملي ۽ عام ماڻهن جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، ننڍن چورن کي به وڏن چورن جهڙا حق ملڻ گهرجن، ڪرپشن جي خلاف اها جدوجهد عمران خان جي نه پوري معاشري جي آهي، هر اداري کي ان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسا?? ته اميد ڪري رهيا هئاسي?? ته نيب ۽ عدالت شهباز شريف جي نواز شريف جي گارنٽي جو پڇندا ته هيستائين هو واپس ڇو نه آيو پر شهباز شريف جي هڪ ئي ڏينهن ۾ درخواست جو داخل ٿيڻ، نوٽيس ٿيڻ، پراسيڪيوشن کي نه ٻڌو ويو ۽ فوري فيصلو ٿي وڃي ٿو. هو پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ احتساب ۽ ??هر?? معاملن واري صلاحڪار شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.