اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي ڪوئيٽا ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هتي ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر چيو ته ملڪ دشمن عن??ر پاڪستان جو امن ۽ سڪون برباد ڪرڻ چاهين ٿا، رمضان المبارڪ ۾ اهڙي افسوسناڪ ڪارروائي ڪرڻ و??را ملڪ دشمن ۽ اسلام دشمن آهن.