اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي زور ڏنو آهي ته ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين لازمي لڳرائي وڃي، ان بابت اب??ام پيدا ڪندڙن ک??ن خبردار رهي ڇو ته اهي ڪوويڊ 19 ۽ ويڪسين بابت نه ٿا ڄاڻين. هن اها ڳالهه پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. وزيراعظم عمر??ن خان جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ کانپوءِ ويڪسين جي افاديت بابت شڪ شبها پيدا ڪندڙن پاران اٿاريل سوالن جي جواب ۾ صدر چيو ته ڪورونا ويڪسين جون ٻه خور??ڪ ڏنيون وڃن ٿيون ۽ ان جو اثر ٿيڻ ۾ ڪجهه هفتا لڳن ٿا.