اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جبوتي واپار، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورج??يو آهي. ان عزم جو ورجاءُ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان جبوتي پارليامينٽ جي صدر ۽ آفريقي يونين پارليامينٽ جي وقتي چيئرمين محمد علي حميد جي قيادت ۾ وفد جي ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. ايوان صدر پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جبوتي ۾ پنهنجو س??ار??خانو کولڻ ۽ ٻين آفريقي ملڪن ۾ س??ار??ي مشنز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جبوتي بندرگاهه تي پاڪستاني سامان جي جلد ڪليئرنس جي لاءِ جبوتي حڪومت جو تعاون گ??ربل آهي.