اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (ا?? پي پي) احساس صارفين جي مفادن جي تحفظ کي نظر ۾ رکندي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سائيبر ڪرائم ونگ جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سائبر ڪرائيم ونگ بي آءِ ايس پي ۾ قائم ڪيو ويندو، ونگ جي قيام سان انهن سڀني ڪرپٽ عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو، جيڪي معصوم عوام کي دوکي ۽ جعلسازي ذريعي احساس امداد جي حوالي سان بيوقوف بنائيندا آهن، اهي ڪرپٽ عنصر ڊجيٽل ٽيڪنالا??ي جي مدد سان ماڻهن کي جعلي ميسي?? ۽ ??ين هٿ ڪنڊن جي ذريعن ڦريندا آهن، ڊاڪٽر ثانيه نشتر احساس مينيجمينٽ کي ان ونگ ??ي جوڙجڪ جي عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ??ئي آهي.