اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 2020ع کي روزگار جو سال قرار ڏيندي مختلف ويز??رت?? ۽ ڊويزنن کي منظور ٿيل هڪ لک 29 هزار نوڪرين جي لاءِ ڀرتين جي قانوني عمل کي ايندڙ 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، 2017ع جي آدمشماري موجب وفاقي نوڪرين ۾ فاٽا ۽ گلگت بلتستان جي چار سيڪڙو کي جدا ڪرڻ، قومي صحت ۽ خدمتن واري وزارت جو نالو تبديل ڪري صحت ۽ آبادي ڪرڻ، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ترميم ٿيل ايئر سروسز جي معاهدي جڏهن ته ريئر ايڊمرل ذڪاءُ الرحمان کي پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل، برگيڊيئر ضياءَ عابد باجوه کي هيوي ??نڊسٽريز ٽيڪسلا ۾ م??مبر پروڊڪشن ۽ سردار عبدالمجيد خان کي وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ر??جن?? آف??س ڪراچي ۾ م??رر ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا کي مختلف وز??رت?? پاران عوامي ڀلائي جي ڏس ۾ نشاندهي ڪيل نئين قدمن تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.