اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي ر??بط?? ڪميٽي (اي سي سي) 15 جنوري کان درآمدي ڪپهه تي ٽي سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي، ٻه سيڪڙو اضافي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 5 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ??اپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اي سي سي طورخم بارڊر جي ذريعي افغانستان ۽ وچ ايشيا کان ڪپهه جي درآمد جي اجازت به ڏئي ڇڏي آهي، اقتصادي ر??بط?? ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.