اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جو راتوڪو خطاب پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کان دلبرداشته رويي ۽ مايوسين جو اظهار هو، پهرين ڏينهن چيو هو ته اهي ماڻهو پاڻ ۾ سچا نه آهن ته قوم سان ڪهڙي وفا ڪندا. چونڊن ۾ رد ٿيندڙ جٿن جي صورت ۾ حقيقي عوامي مينڊيٽ جي تو??ين نه ڪن نه وري جمهوري نظام تي حملا آور ٿين، س??اسي اڪيلائپ جو شڪار مولانا ذاتي مف??دن جي عينڪ لاهي ڏسي ته خبر پئجي ويندي ته پاڪستان اڪيلائي جو شڪار نه آهي.