اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل (ر)نگار جوهر چيو آهي ته نياڻين جي تعليم جي چئلينجن کي منهن ڏ??ڻ ل??ءِ انهن جي فيصلا سازي ۽ پاليسي سازي ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو. جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ نياڻين جي تعليم جي موضوع تي ٻن ڏ??نهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان کي نياڻين جي تعليم ل??ءِ معاشري روين کي چئيلنج ڪرڻو پوندو. ليفٽيننٽ جنرل (ر)نگار جوهر چيو ته تعليم ۽ معاشرتي روين جي چئيلنجز کي منهن ڏ??ڻ ل??ءِ عورتن جي فيصلا سازي ۽ پاليسي سازي ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته نياڻين جي تعليم ل??ءِ چئيلنجز تمام گهڻا آهن پر ان سان گڏوگڏ موقعا به بي شمار آهن. هن چيو ته نياڻين جي تعليم کي قومي بجيٽ ۽ پاليسي جو لازمي حصو بڻايو وڃي. هن چيو ته هو اهڙي معاشري ۾ وڌي ويجهي آهي جتي صنفي فرق عام هو، نياڻين جي تعليم کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو هو، تعليم منهنجي زندگي ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. هن چيو ته مان اڄ هن مقام تي آهيان ج??ي ملڪ جي خدمت ڪري رهي آ??يا?? ۽ نوڪري دوران اهڙا علائقا به ڏٺا جتي گرلز اسڪول تباهه ٿي چڪا هئا ۽ نياڻين کي زبردستي تعليم کان محروم ڪيو ويو هو. نگار جوهر چيو ته مان انهن بهادر نياڻين کي به ڏٺو جيڪي تعليم جي حق ل??ءِ اٿي بيٺيون ۽ جدوجهد ڪئي. هن چيو ته هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت سان نياڻين کي صحت جا به تمام گهڻا مسئلا آهن، هڪ صحتمند معاشري ۾ پڙهيل لکيل صحتمند عورت اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.