اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي باباءِ قوم قائداعظم محمدعلي جناح کي قي??م پاڪستان لاءِ سندس شاندار خدمتن تي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي قي??م ۾ قائداعظم ج?? ابدي ڪردار سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، قائداعظم ج??ڙا سچا، ايماندار ۽ ديانتدار اڳواڻ ئي ملڪن جي تقدير بدلائيندا آهن. اتحاد، ڀائيچاري، مذهبي رواداري ۽ گڏيل بقا اڄ جي ڏينهن جو پيغام آهي. قائداعظم ج?? پيدائش جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته مسلمان دنيا جي مدبر ۽ عظيم اڳواڻ قائداعظم کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. هي ڏينهن پاڪستان کي قائد جي ويزن مطابق عظيم ملڪ بڻائڻ جي عهد جو ڏينهن آهي. محسن نقوي چيو ته قائداعظم اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزاديءَ جي اهميت تي زور ڀريو. قائداعظم پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ مذهبي رواداري جو علمبردار هو. گهرو وزير چيو ته هڪ قوم ج?? حيثيت سان اسان کي اقليتن جي حقن ۽ مذهبي رواداري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قائداعظم ج?? اصولن تي عمل ڪري اڳتي وڌڻو ۽ قومي مفاد ۾ ذاتي اختلافن کي پٺتي رکي وطن لاءِ سوچڻو آهي. هن چيو ته قائداعظم پنهنجي قي??دت ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي حقن لاءِ تاريخي ڌارا مٽائي، مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ آزاد مسلمان رياست جي خواب کي عملي جامو پهرايو. هن چيو ته قائداعظم ج?? اڻٿڪ جدوجهد جي ڪري اڄ اسان آزاد وطن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. قائداعظم ج?? اهو احسان قي??مت تائين نٿا لاهي سگهون. گهرو وزير چيو ته پاڪستان جي تخليق ۾ قائداعظم ج?? ابدي ڪردار سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. قائداعظم تحمل، ب??داشت، مساوات ۽ رواداريءَ تي ٻَڌل معاشري جو خواب ڏٺو هو. اهڙي فلاحي معاشري لاءِ سڀني کيگڏجي پنهنجون توانائيون ڪتب آڻڻيون پونديون ته جيئن قائد جي خواب کي عملي جامو پهرائي سگهجي.