اسلام آباد– 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قاهره ”ايندڙ سڀاڻي جي م??يش?? جي ل??ءِ نوجوانن، ننڍي ۽ وچولي طبقي جي ڪاروبار ۾ سيڙپڪاري“ جي موضوع تي منعقد اسرندڙ ملڪن (ڊي – 8) جي 11هين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي ل??ءِ ٽن ڏي??هن جي سرڪاري دوري تي مصر روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي روزگار جي فراهمي، جدت جي فروغ ۽ مقامي ڪاروبار جي ترويج جي بنيادن تي مضبوط ۽ حصيداري تي ٻڌل م??يش?? جي ل??ءِ نوجوانن، ننڍي ۽ وچولي طبقي جي ڪاروبار (ايس ايم ايز) ۾ سيڙپڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪندو. وزيراعظم اسرندڙ ملڪن جي تنظيم ڊي – 8 جي جوڙيل بنيادي اصولن تي تعاون ۽ عملدرآمد جي حوالي سان پاڪستان جي مضبوط عزم جو اظهار ڪندو. وزيراعظم ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪن جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند ترقي جي ل??ءِ حصيدارين سان گڏوگڏ زراعت، غذائي تحفظ ۽ سياحت ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏي??دو. وزيراعظم نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي معاشي ترقي جي ل??ءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن تي پڻ روشني وجهندو. وزيراعظم اسرائيلي جارحيت ۽ وحشياڻي ظلم جي نتيجي ۾ وچ اوڀر جي صورتحال، انساني بحران ۽ غزه ۽ لبنان ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي مسئلن تي منعقد ڊي – 8 جي خصوصي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم فلسطين جي حوالي سان پاڪستان جي اصولي موقف کان آگاهي ڏي??دي وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ تي زور ڏي??دو. وزيراعظم ان موقعي تي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي ل??ءِ آيل مختلف ملڪن جي سربراهن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندا.