اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف يونان ۾ ٻيٽ ويجهو پاڪستانين جي فوتگي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انساني اسمگلنگ هڪ سنگين ڏوهه آهي جنهن سبب قيمتي جانيون ضايع ٿين ٿيون، گهرو وزير واقعي جي انڪوائري رپورٽ جلدي پيش ڪري. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وز??را??ظم محمد شهباز شريف يونان جي ٻيٽ ويجهو پاڪستانين جي فوتگي تي افسوس جو اظهار ڪندي ان سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??را??ظم چيو ته انساني اسمگلنگ هڪ سنگين ڏوهه آهي جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي جان هلي ويندي آهي ۽ هر سال ڪيترائي گهر اجڙي ويندا آهن، انساني اس??گل?? هڪ اهڙي ظالم مافيا آهي جيڪا غريب عوام کي ڪوڙا خواب ڏيکاري انهن کان پيسا وٺي ٿو. وز??را??ظم گهرو وزير محسن نقوي کي واقعي جي انڪوائري رپورٽ جلدي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اهڙن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي ۽ کين سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن هو اهڙي گٿي فعل کي نه ورجائن، اهڙن واقعن جي مستقبل ۾ روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن.