اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس چوري
۽ گهٽ ٽيڪس ڏيندڙ شگر ملن خلاف سخت ۽ بنا فرق جي ڪار??وا??ي جي
هدايت ڪندي چيو آهي ته ايف بي آر جي ڊجيٽائيزيشن لا??ِ کنيل قدمن سان قومي
خزاني کي اربين روپين جو فائدو پهچندو، ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾
آڻڻ جا حڪم ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ جي ??ورت ۾ سخت ڪار??وا??ي ڪئي وڃي،
ٽيڪنالاجي ??ي استعمال ذريعي ايف بي آر جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ
حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان
جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت هيٺ محصولن ۾
بهتري لاءِ قدمن جي ??والي سان اهم جائزي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم
کي شگر انڊسٽري ۾ وڊيو ايناليٽيڪس لڳائڻ ۽ نگراني تي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم چيو ته ٽيڪنالاجي ??ي استعمال جي ??ريعي ايف بي آر جي
ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وزيراعظم
محصولن جي وصولي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي کي لاڳو ڪرڻ جي ??والي سان
سخت قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته شگر انڊسٽري ۾ وڊيو ايناليٽيڪس لڳائڻ
کانپوءِ محصولن ۾ وصولي ۾ بهتري ايندي. انهن سڌارن سان کنڊ جي ??خيره
اندوزي جو خاتمو ٿيندو ۽ قيمتن ۾ توازن قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو
ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته عوام کي سستي اگهه ۾ کنڊ جي فراهمي
يقيني بڻايون، کنڊ جي ??سٽاڪ جي ??اقاعده نگراني ڪئي وڃي ته جيئن کنڊ
سپلائي چين متاثر نه ٿئي. وزيراعظم ٽيڪس چوري ۽ گهٽ ٽيڪس ڏيندڙن شگر
ملن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪار??وا??ي جي هدايت ڪندي ايف بي آر جي
ڊجيٽائيزيشن لا??ِ کنيل قدمن سان قومي خزاني کي اربين روپين جو فائدو پهچندو.
وزيراعظم ايف بي آر ويليو چين جي مڪمل ڊجيٽائيزيشن جي ڪم کي جلد کان
جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ
جا حڪم ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ جي ??ورت ۾ سخت ڪار??وا??ي جي ??ه هدايت ڪئي.
وزيراعظم سيمنٽ ۽ ٽوبيڪو انڊسٽري کي وڊيو ايناليٽيڪس جو ڪم به جلد کان
جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي
احمد چيمه، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي واري مملڪتي
وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.