اسلام آباد – 29 – ن??مب?? (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ??مو?? ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل هفتي چار ڪشميرين کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير جي ضلعي ڪشتواڙ جي مغل ميدان جي علائقي چاس ۾ ڀارتي فوج جي هڪ ڪئمپ ۾ شديد تشدد جو نشانو بڻ??يو ويو. ترجمان چيو ته اهو واقعو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڦهليل اهڙي قسم جي زيادتين جي سلسلي ۾ تازو واقعو آهي. ترجمان چيو ته اسان ان پريشان ڪندڙ واقعي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪريو?? ٿا ۽ مطالبو ڪريو?? ٿا ته حراست ۾ ٿيندڙ تشدد جي ذميوارن جو احتساب ڪيو وڃي.